اجيو ساڌ

اجيو ساڌ: اجيو ساڌ مينگھواڙ 1768ع ۾ ڳوٺ صوفي فقير، ضلعي عمر ڪوٽ ۾ ڄائو. سندس شمار صوفي صادق فقير جي خاص ۽ ويجھن مريدن ۾ ٿئي ٿو. اجيو ساڌ ۾ قرباني ۽ ايثار جو مادو سرس هو، جنهنڪري هو علائقي ۾ گھڻو مشهور آهي. 1840ع ۾ سنڌ ۾ وڏي بيماري/ ساٽو پيو، جنهنڪري ڳوٺن جا ڳوٺ تباهه ٿي ويا. روايت آهي ته بيماريءَ جا راڱا ڏسي اجيو ساڌ پنهنجي مرشد صوفي صادق فقير جي خدمت ۾ حاضر ٿي سوال ڪيو ته: ’قبلا! ملڪ کي هن بيماريءَ ناس ڪري ڇڏيو آهي ۽ اوهين اڃا تائين ماٺ ۾ آهيو. ڀلائي ڪري ڌڻيءَ در عرض ڪريو ته بيماري دفع ٿئي.“ ساڌ جي گذارش تي صوفي صادق فقير وراڻيو ته: ”ابا! بيماري دفع ڪرڻ لاءِ قربانيءَ جي ضرورت آهي، هڪڙو سِرُ ٿو کپي، سو تون ڏي يا آءٌ ڏيان“، جنهن تي ساڌ اجيي چيو ته: ”سائين! اوهان جي ماڻهن کي اڃا گھڻي ضرورت آهي، خدا پاڪ اوهان جو اقبال ۽ عمر بلند ڪري، مون کي اجازت ڏيو ته آءٌ سر ڏيان.“ اجيي ساڌ جي اسرار تي صوفي صادق فقير چيو ته: ”اها مرضي اٿئي ته ٺيڪ، پر پهرين پنهنجيءَ ماءُ کان اجازت وٺي اچ.“ اهو ٻڌي اجيو، مرشد جي فرمان جي تعميل ڪندي والده کي وڃي سموري حقيقت ٻڌائي. والده کيس خوشيءَ سان اجازت ڏني ۽ کيس پاڻي گرم ڪري ڏنائين ته پهريائين غسل ڪري پاڪ صاف ٿي، پوءِ ڀلي وڃي قرباني ڏي. ساڌ اجيو، تيار ٿي اچي مرشد کي پنهنجي ماءُ جي خوشيءَ سان اجازت ڏيڻ جي خبر ٻڌائي، جنهن کانپوءِ صوفي صادق فقير حاضر فقيرن کي ذڪر جو حڪم ڏنو ۽ اجيو، مٿو اتر، پير ڏکڻ ۽ منهن اولهه طرف ڪري، چادر تاڻي سمهي پيو. ٿوريءَ دير کانپوءِ سندس روح پرواز ڪري ويو. اتفاق سان يا قدرت جي مهربانيءَ سان چون ٿا ته ان کانپوءِ اها بيماري ختم ٿي وئي ۽ ضعيف اعتماد وارن ماڻهن اهو تاثر ورتو ته اهو سڀڪجهه سندس قربانيءَ جي ڪري ٿيو هو. اجيي ساڌ جو آستان صوفي شهر ڀرسان فقير خير محمد صوفيءَ جي اوطاق وٽ موجود هو، جيڪو اڳتي هلي سومرن، صوفي فقيرن ڊاهي ميدان ڪرائي ڇڏيو ۽ هن وقت ان جو ڪو به نشان موجود نه آهي.


لفظ اجيو ساڌھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو